گورک سميت سياحتي ماڳن جي ايس آءِ ايف سي ذريعي ترقي جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياحتي ماڳن جي ترقي، سفاري ريگستان کي هٿي وٺرائڻ، زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ فارمن جي ترقي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گرين پاڪستان انيشيئيٽو منصوبا شروع ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري،ذوالفقار شاهه، دوست علي راهمون، وقتي چيف سيڪريٽري مصدق احمد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ، صوبائي سيڪريٽرين، پي سي آءِ سي جي ميجر جنرل محمد حسين، 5 ڪور جي برگيڊيئر ظال حسنين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ۽ گورک هل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت عالمي معيار جي سياحتي ماڳن طور ترقي ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪينجهر ڍنڍ کي سياحتي مقام طور هلائڻ لاءِ سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ((STDC ۽ آبپاشي کاتي وچ ۾ معاهدو 2006 کان التوا هيٺ آهي جنهن کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارچي جويري ۽ ننگرپارڪر ۾ نون سياحتي هنڌن کي ترقي ڏيڻ جي تجويز تي وڏي وزير ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ان تجويز تي غور ڪري .ڪراچي کان ٺٽي تائين هاليجي ڍنڍ تائين 6 ڪلوميٽر روڊ  جي ٻيهر تعمير ڪئي وڃي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سياحن ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ خاص ٽرينون هلائڻ ۽ سفاري ريگستان لاءِ مختلف پيڪيجز ڏئي ڌيان ڇڪرائي سگهجي ٿو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گورک هل تي جهنگلي زيتون لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. پرائيوٽ پارٽي ڪمرشل بنيادن تي تيل ڪڍڻ لاءِ جهنگلي زيتون پوکيندي .  وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته تازين برساتن سبب گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊن جي حالت خراب آهي. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته روڊ جي مرمت/بحالي ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪراچي کان دادو تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي تجويز غور هيٺ آهي، گورک هل ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت انٽرنيشنل ڪمپنين کي شامل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. سنڌ جي ڪوسٽل هاءِ وي تي جهينگن جا فارم/ هيچريون قائم ڪرڻ لاءِ  پرائيويٽ پارٽين (پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ) کي سهولت ڏيڻ تي بحث ڪيو ويو. روهڙي، عمرڪوٽ ۽ نوڪوٽ ۾ صوبائي حڪومت جي ڪيٽل فارمن جي آئوٽ سورسنگ تي به غور ويچار ڪيو ويو.

#Gorakhhill #Sindhgovt #SIFC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.