وفاقي حڪومت پاران فيض آباد ڪميشن رپورٽ تي بي اعتمادي

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا 2017ع جي فيض آباد ڌرڻي بابت خاص ڪميشن جي رپورٽ تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪيو. رپورٽ  موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، فيض آباد ڌرڻي ڪميشن رپورٽ تي اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزير رپورٽ جا اهم نڪتا ٻڌايا، جڏهن ته وفاقي ڪابينا کي اٽارني جنرل آف پاڪستان طرفان فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي آو آرز) موجب ڪم نه ڪيو، وفاقي ڪابينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪا ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.