سنڌ جون زمينون ايس آءِ ايف سي بدران بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) مظلوم طبقن، هارين، مزدورن ۽ قومي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 54 هين ورسي سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ملهائي وئي. ورسي تقريب جي صدارت سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ کي خوشحالي جي راهه ڏانهن وٺي پئي ويو پر اڄ وڏيرن ۽ جاگيردارن ان سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر وڏيرن، جاگيردان، سردارن ۽ چونڊيل نمائندن جي پيداوار آهي. سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن ڪوڙن اعلانن کانسواءِ عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو. پورهيتن جي ٻارن کان قلم کسي هٿيار هٿن ۾ ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ اندر هٿرادو ڌاڙيل ڪلچر مڙهي ماڻهن جي زندگي مشڪل ڪئي وئي آهي. نيشنل پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ تاج مري چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي. احمد نواز انقلابي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي پورهيت جدوجهد جي سرواڻي ڪئي. وطن دوست جمهوري پارٽي جي گلشير شر چيو ته سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي. سنڌ کيس سلام پيش ڪري ٿي، اي جي پي صدر خادم ٽالپر چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته سڀ گڏجي سنڌ جي خوشحالي جي جدوجهد ڪيون. ورسي کي ايس ٽي اڳواڻ عاشق سولنگي، پ ٽ الف جي اڳواڻ سڪندر جتوئي، نهال عباسي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي ادريس بروهي، ايڊووڪيٽ عالم زيب ميمڻ، جبار باغي، عابد رند، ولايت نوناري، زينت سنڌي، اسحاق سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ورسي تقريب ۾ قراردادون پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ حقيقي عوامي ۽ جمهوري حڪومت قائم ڪئي وڃي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي حڪومت قبول ناهي. اتر سنڌ ۾ بدامني ختم ڪئي وڃي. وفاق طرفان ايس آءِ ايف سي غير قانوني جوڙي سنڌ جي زمينن ۽ ٻين وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ان ڪري ايس آءِ ايف کي ختم ڪري ان جي ماتحت زمينون سنڌ کي واپس ڪيون وڃن. سنڌ حڪومت ٻهراڙي ۾ صنعتي انقلاب آڻي بيروزگاري کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.