ڪراچي (رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ايراني سفارتخاني پهتا ۽ ايراني قونصل جنرل حسن نورين سان هيلڪاپٽر حادثي ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو،ٻنهي ابراهيم رئيسي ۽ امير عبداللهيان کي متحرڪ ڪردار ۽ شاندار خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو، ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏي شخصيت ۽ عالم اسلام جو هيرو هو. هوائي حادثي ۾ سندس اوچتي موت سان مون کي ڏک پهتو آهي هن اها ڳالهه ايراني قونصل جنرل حسن نوريان سان ايراني سفارتخاني ۾ ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.