پينشن سڌارا:رٽائرمينٽ جي عمر 60 مان وڌائي 62 سال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور(تجزيو:عمران شفقت+امداد سومرو)حڪومت سمورن سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 کان 62 سال تائين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پينشن رولز ۾ تبديلي جو به امڪان آهي، حڪومت ٻن سالن تائين پينشن جي رقم بچائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي، موجوده ملازمن جي پينشن ختم نه پئي ٿئي،پينشن جو بار هڪ کرب 74 ارب رپين کان وڌيڪ آهي،رڳو پي آءِ اي جي ملازمن کي 35 ارب رپين جي پينشن ڏيڻي آهي، ظاهري طور اهو غيرمقبول فيصلو آهي، افواهه اهي آهن ته حڪومت ان ۾ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته اسلام اباد جي اقتداري ايوانن ۾ آرمي چيف ۽ چيف جسٽس کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جون خبرون گذريل ڪجهه عرصي کان گردش ۾ آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 21 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

pension pakistan pakistangovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.