سنڌ حڪومت 2022 ع جي خوفناڪ ٻوڏ باوجود ڪو ماحولياتي پروجيڪٽ شروع ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ 2022ع ۾ آيل خوفناڪ ٻوڏ باوجود سنڌ حڪومت مالي سال 2023ع ۽ 2024ع جي بجيٽ ۾ ماحولياتي تبديليءَ جي حوالي سان ڪو به اهم منصوبو شروع نه ڪيو، جڏهن ته  ماحوليات سان لاڳاپيل ادارن لاءِ رڳو هڪ ارب 22 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪيا ويا جن مان 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بجيٽ پگهارن لاءِ رکي وئي هئي. 2022ع ۾ پاڪستان جي تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۾ سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. ان خوفناڪ ٻوڏ ۾ 20 لک کان وڌيڪ گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل به پاڻي هيٺ اچي ويو، ان کان وڌيڪ ظلم اهو هو ته سنڌ حڪومت جي مالي سال 2023-24 ۾ سرڪاري ترقياتي پروگرام ۾ به ماحوليات بابت ڪو به پروگرام نه رکيو ويو ويب سائيٽ موجب ملير ايڪسپريس وي کي عوام جي خوشحالي جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي، پر ان منصوبي لاءِ هزارين وڻ وڍيا پيا وڃن ۽ ٻيا تعميراتي مسئلا به اهڙا قدم کڻي رهيا آهن، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جو سبب بڻجن ٿا. يعني هڪ طرف سنڌ حڪومت ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي بهتري لاءِ تمام گهٽ بجيٽ رکي ٿي ته ٻئي طرف صوبائي حڪومت وڏي لاڳت سان اهڙا ميگا پراجيڪٽ شروع ڪري ٿي جيڪي موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجن ٿا. ظلم جي حد ته اها آهي ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جو سبب بڻجندڙ منصوبن کي وڌيڪ اهميت ۽ فنڊنگ ڏئي ٿي.  حڪومت صوبي جي لڳ ڀڳ هر ضلعي ۾ ماحولياتي تحفظ جا ادارا قائم ڪيا آهن ۽ انهن ادارن ۾ ڪل 1500 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن پر حقيقت ۾ اهي ادارا ۽ ملازم ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪٿي به ڪم نه ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت پاران ماحولياتي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ هڪ ڪورٽ آف جسٽس پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ماحوليات تي تحقيق لاءِ خاص ادارا به آهن پر ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگيءَ جي باوجود انهن ادارن مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿي رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 21 مئي 2024ع تي شايع ٿي

#Rain #Flood #Disaster #Sindh #ClimateChange #Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.