گريڊ هڪ کان 16 جي نوڪرين تي پابندي،گاڏين جي خريداري بند

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪفايت شعاري جو پلان پيش ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ پاليسي سطح جي ڳالهين جو دور  ٿيو جنهن ۾ اهو منصوبو پيش ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت طرفان آءِ ايم ايف کي پيش ڪيل پلان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت هڪ سال ۾ 300 ارب روپين کان وڌيڪ جا خرچ گهٽ ڪندي. وفاقي وزارتن طرفان نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي رهندي هڪ سال کان خالي پيل گريڊ هڪ کان 16 جي سمورين پوسٽن کي ختم ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت صوبن جي ترقياتي منصوبن ۾ فنڊنگ نه ڪندي ۽ صرف اهم ۽ قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلا ڏيندي. انفراسٽرڪچر منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت ڪيا ويندا. صوبائي حڪومتون پنهنجي ماتحت ايندڙ يونيورسٽين جي پاڻ فنڊنگ ڪنديون. ايندڙ مالي سال کان دفاع ۽ پوليس کان سواءِ نئين ڀرتين لاءِ رضاڪارانه پينشن اسڪيم تي به غور ڪيو پيو وڃي  جڏهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويون  آهن، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي سخت معاشي فيصلا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ آهي، عالمي اداري هڪ لک کان وڌيڪ ماهوار پينشن تي ٽيڪس جو مطالبو ڪيو آهي،آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته نئين پروگرام لاءِ خرچ ۽ خساري کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ وڌائڻا پوندا.

IMF Pakistan Pakistangovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.