انمول بلوچ جي افيئرز جون خبرون: اهڙي ڳالهه ناهي: اداڪارا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ اداڪارا انمول بلوچ واضح ڪيو آهي ته سندس ڪو اسٽار سان ڪو به افيئر ناهي ۽ نه ئي سندن وچ ۾ ڪا محبت آهي.

انمول بلوچ جي سمٿنگ هاٽ سان انٽرويو جي وائرل ٿيل ڪلپ ۾، کيس ڪو اسٽار حمزا سهيل سان پنهنجي رومانوي رشتي تي بحث ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ميزبان اداڪاره کان سوال ڪيو ته جڏهن هو شوٽنگ تي حمزا سهيل سان گڏ هوندي آهي ته ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي حقيقي معنيٰ ۾ جوڙو بڻجڻ جو خيال ايندو آهي؟

ان تي اداڪارا واضح ڪيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ۽ نه ئي ٿيڻ گهرجي.

انمول بلوچ واضح ڪيو ته سندس ۽ حمزا سهيل جي گهروارن ۾ وڏو فرق آهي ۽ ٻنهي جي گهروارن سڀني لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيو آهي. اداڪارا موجب جتي رڳو ڪم هوندو آهي اتي رڳو ڪم هوندو آهي، اهڙيون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.