بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي ويب سيريز هيرا منڊي ۾ تاجدار جو ڪردار ادا ڪرڻ واري ڀارتي اداڪار طحا شاهه جو چوڻ آهي ته فواد خان جهڙي اداڪار سان ڀيٽ ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
طحا شاهه تازو ئي انٽرويو ۾ ويب سيريز هيرا منڊي ۾ ڪم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪار هن انٽرويو ۾ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي لاءِ چهري جي ڀيٽ ايتري اهميت ناهي رکندي پر منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته منهنجي ڀيٽ فواد خان سان ڪئي وڃي ٿي.
طحا شاهه وڌيڪ چيو ته پرستارن منهنجي رومانس جي انداز کي شارخ خان جي انداز سان ڀيٽيو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي.
You might also like