سمون بند ڪرڻ کان نه، ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽئڪس نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته عدالت سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه، صرف نجي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو.
اسلام هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽئڪس نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس اٽارني جنرل کان استفسار ڪيو ته جي اٽارني جنرل صاحب اڄ اوهان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته موبائل سمز وارو آرڊر هيو، ان جو آرڊر خارج ڪرائڻو آهي.
چيف جسٽس چيو ته آرڊر ائين نه هو، جيڪو عام مزدور آهي يا جنهن جو کوکو آهي اهو ته ان ۾ شامل نه ٿي سگهندو نه، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته بلڪل انهن کي ته نوٽيس نه ويندو.
جسٽس عمر فاروق چيو ته ان ۾ خوف اهو هوندو آهي ته ايف بي آءِ وارا هر ڪنهن کي پنهنجي لوپ ۾ وٺي ڇڏيندا آهن، هر ماڻهو ته انهن وٽ وڃي اهو ته نه ٻڌائيندو نه ائين ناهي، سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه پر نجي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو.
اٽارني جنرل ڪيس ۾ اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن عدالت نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري جواب طلب ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.