جون ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مئچ انگلينڊ جي ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ ڏيکاريو ويندو.
پاڪ ڀارت مئچ جو 9 جون تي نيو يارڪ ۾ شيڊول آهي، ۽ ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مئچ ۾ شوقينن لاءِ پارڪ بڻايو ويو آهي.
ايجبسٽن جي فين پارڪ ۾ 8 هزار تائين تماشائي جي اچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ۽ آءِ سي سي به فين پارڪ لاءِ وينيو جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پاڪ ڀارت مئچ جي موقعي تي ايجبسٽن ۾ فيملي فيسٽيول جو ماحول هوندو، فينز وڏي اسڪرين تي مئچ ڏسي سگهندا، جنهن ۾ اڳوڻا پاڪستان ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر به موجود هوندا.
چيف ايگزيڪيٽو ايجبسٽن اسٽيوٽ ڪين ڪي موجب انگلينڊ جي هن واحد وينيو کي فين زون لاءِ آءِ سي سي چونڊيو ۽ مقامي ڪميونٽي جو ورلڊ ڪپ جو حصو بڻجڻ جو موقعو ڏنو.
You might also like