پٽڪن کي فٽبال بڻائڻ جو چئي ڇا اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته پٽڪن کي فٽبال بڻائڻ جو چئي ڇا اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي.
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ اڊيالا جيل مان پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويو.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو.
وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل ڏنا ته مرڪزي ڪيس جون مجموعي طور تي 53 ٻڌڻيون ٿيون هيون، هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ درخواست سپريم ڪورٽ نٿي ٻڌي سگهي، نيب ترميمن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جوڳو نه هو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا اهو ته وڏو تعجب آهي ته نيب ترميمن جو ڪيس 53 ٻڌڻين تائين هلايو ويو، جڏهن مان چونڊن جو ڪيس ٻڌو ته 12 ڏينهن ۾ چونڊون يقيني بڻايون.
جسٽس اطهر من الله چيو اليڪشن ڪيس ۾ سموري بئنچ جي راءِ هئي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿين، عدالتي فيصلي باوجود عملدرآمد نه ٿيو، پلن هيٺان گهڻو پاڻي گذري چڪو آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر معطل ڪرڻ درست هو يا غلط پر بهرحال ان عدالت جي حڪم سان معطل هو، ڪرپشن خلاف مضبوط پارليامينٽ، آزاد عدليا ۽ بي خوف ليڊر جو هجڻ ضروري آهي، ڇا توهان سمجهو ٿا ته ٽئي شيون موجود آهن، هتي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو آرڊيننس آندو پيو وڃي.
چيف جسٽس چيو هڪ قانون کي معطل ڪري پوءِ ان ڪيس کي ٻڌو ئي نه وڃي ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو، توهان کي قانون پسند ناهي ته ڇا سڄو ڪيس ٻڌي ان کي ڪالعدم قرار ڏيون، ائين ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي ڇو ته معطل ڪيون، اسان قانون ٽوڙيون يا فوج قانون ٽوڙي هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان ڪيستائين پاڻ کي چريو بڻائيندا رهنداسين.
وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏنا ته 2022 جي فالو اپ تي 2023 جون ترميمون به آيون هيون، عدالت فيصلي ۾ 2022 جون ترميمون ئي ڪالعدم قرار ڏنيون، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم هو قانون مٽائي پئي سگهيو پر آرڊيننس آندو ويو، نيب ترميم جو معاملو پارلياماني تڪرار هو، جنهن کي سپريم ڪورٽ آندو ويو، اهو معاملو ملي ڀڳت سان سپريم ڪورٽ آندو ويو.
چيف جسٽس چيو آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي بند ڪري ڇڏيو، آرڊيننس سان توهان هڪ شخص جي مرضي سڄي قوم تي ٿاپي ڇڏيندا آهيو، ڇا ائين ڪرڻ جمهوريت خلاف ناهي، ڇا آرڊيننس سان گڏ صدر کي تفصيلي ڪارڻ نه لکڻ گهرجن.
جسٽس اطهر من الله چيو اسان کي چيو پيو وڃي ته پٽڪن کي فٽبال بڻائينداسين، ائين چوندڙ حقيقت ۾ پاڻ کي ايڪسپوز ڪري رهيا آهن، ڇا توهان پنهنجي پراڪسيز ذريعي اسان کي ڌمڪائي رهيا آهيو.
اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جواب ڏنو نه ائين نه پيو ٿئي ۽ نه ائين ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.