پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ريڊ بال جي ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته ٽيم کي جوائڻ ڪرڻ کان اڳ اکيون کليل آهن، ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن غلطي جي گنجائش نه رهي.
آسٽريلوي ميڊيا کي انٽريو ڏيندي جيسن گليسپي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ تيار آهيان، مون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ گهڻن ئي ماڻهن سان ڳالهايو آهي.
هن ٻڌايو ته ڊيوڊ ٽمور سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪوچنگ ڪري چڪو آهي، ڊيوڊ گهڻي معلومات ڏني ۽ سٺي نصيحت ڪئي.
جيسن چيو ته سائمن هيلمنٽ گذريل سال پاڪستان ٽيم سان گڏ هو، هن سٺا مشورا ڏنا ۽ سٺي شيون ٻڌايون، سائمن هيلمنٽ مونکي رانديگرن جي باري ۾ به ٻڌايو ته اهي ڇا سوچيندا آهن.
You might also like