اسلام آباد (بيورو) اسٽيٽ بئنڪ ملڪ جي معاشي صورتحال بابت پنهنجي ڇهه ماهي رپورٽ جاري ڪندي مالي سال 24 لاءِ سراسري مهانگائي 23 کان 25 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جيڪا مالي سال 23 ۾ 29.2 سيڪڙو کان گهٽ آهي، جڏهن ته 2025 تائين اها 5کان 7 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب سخت مالياتي پاليسين، زرعي پيداوار ۾ بهتري ۽ جنسن جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ چڱي گهٽتائي آئي. رپورٽ موجب ملڪي گهرج محدود هجڻ باوجود مهانگائي جو دٻاءُ بلند سطح تي رهيو. زرعي شعبي ۾ بهتري آئي، ڪجهه زرعي بنيادن تي صنعتن کي به مدد ملي. آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري بعد قرضن جون رڪاوٽون گهٽ ٿيون. ساڳئي وقت آمدني واپار ۾ واڌ سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي، جنهن سان اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده اڪائونٽ خسارو گذريل اندازن کان گهٽ رهڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته عالمي منظرنامي ۾ ٿوري بهتري ۽ ملڪي ترقي جي امڪانن جي نتيجي ۾ ايڪسپورٽ ذريعي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 0.5 کان 1.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.