اسلام آباد (بيورو + م ڊ ) وفاقي حڪومت حساس ۽ ڳجهي معلومات جي غير مجاز تشريح ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته وفاقي حڪومت حساس ۽ ڳجهي معلومات جي غير مجاز اشاعت جو نوٽيس ورتو آهي، خاص طور تي حساس ۽ ڳجهي معلومات جي سوشل ميڊيا تي تشهير جو نوٽيس ورتو آهي، بچاءَ واري وزير چيو ته اهڙن سمورن ماڻهن خلاف آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ 2023 تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ انهن خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويندا جيڪي ڳجهي معلومات کي ظاهر ڪرڻ يا پکيڙڻ ۾ ملوث هوندا . خواجا آصف چيو ته سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ان ڏوهه جي سزا 2 سال قيد ۽ ڏنڊ هوندو.