ڪميشن جاچ دوران سڀني ڌرين سان هڪ جهڙو سلوڪ نه رکيو: حڪم نامو

اسلام آباد (بيورو) فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ڪميشن  جي رپورٽ کي ٽي او آر جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي.حڪمنامي ۾ چيو ويو ته ڪميشن پنهنجي مينڊيٽ کان اڳتي وڌي وئي ۽ اصرار ڪيو ته مخصوص شخص ڪجهه به غلط ناهي ڪيو، ڪميشن رڳو سادي ڪاغذن تي خاص فرد جي جاري ڪيل ترديد تي ڀروسو ڪيو، ڪميشن سڀني ڌرين سان هڪ جهڙو سلوڪ نه رکيو، ڪميشن وٽ حلف ناما هئا. هڪ ڌر کان حلفيه بيان ۽ ٻئي ڌر کان سادو بيان ورتو ويو، ڪميشن ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي کان جاچ جو موقعو به نه ڏنو.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ صوبائيت جو ڏيک ڏيڻ افسوسناڪ آهي، رپورٽ ۾ رڳو بيان بازي ۽ سڌارا شامل آهن، ٺوس مواد ناهي، اٽارني جنرل جو به اهو چوڻ آهي ته رپورٽ ٺوس مواد کان خالي آهي. تحريڪ لبيڪ جي ڪنهن به اڳواڻ جو بيان ئي نه ورتو ويو آهي،  حڪمنامي موجب، رپورٽ منظر عام تي ايندي يا نه، اٽارني جنرل ٻن هفتن ۾ وفاقي حڪومت پاران جواب جمع ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.