اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سندس غيرذميوار بيانن پارٽي جي مفادن کي نقصان پهچايو ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان جي بيان سان پارٽي ميمبرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جا لاڳاپا خراب ٿيا آهن، توهان ٽن ڏينهن ۾ جواب ڏيو، جيڪڏهن توهان جو جواب تسلي بخش نه ٿيو ته پارٽي توهان جي خلاف ڪارروائي ڪندي.