اسلام آباد (عمران شفقت) پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي مدي ۾ واڌ جون ڳالھيون ھلن پيون جنھن بابت اعظم نذير تارڙ به پنھنجي انٽرويو ۾ ڳالهھ رکي جڏھن ته ايڪسٽينشن وٺي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ وارن جرنيلن راحيل شريف ۽ قمر جاويد باجوا تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي. ان باوجود "ايڪسٽينشن” جو ذڪر ھلي ٿو. موجوده وزيراعظم چاھي ته ھڪ ڪاغذ تي صحيح ڪري ٻنھي وڏين شخصيتن جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو پر مٿس سياسي دٻاءُ پوندو. ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري سمورن ججن جي ريٽائرمنٽ جي عمر وڌائي ويندي. اسٽيبلشمينٽ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسي کي سندن عھدي تي قائم رکڻ چاھي ٿي.
-
حڪومت جا ڪجهه ماڻهو چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ چاهين ٿا:ڪائرا
اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت جا ڪجهه ماڻهو چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ چاهين ٿا، واڌ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو وڃي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ بابت اهو بيان نئون ناهي، ان کان اڳ به ڪيترائي وفاقي وزير انڪشاف ڪري چڪا آهن. هن چيو ته 3 مئي تي هڪ خانگي aچئنل سان ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس جي مدي بابت تجويزون گردش ڪري رهيون آهن، جنهن کي هو مڪمل طور رد نه ڪندا وزيراعظم ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميم جي هدايت ڪئي آهي. هن اهو به چيو ته کيس قانون واري وزير طور ڪم جون هدايتون اڃا تائين نه مليون آهن، جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر اها خبر ميڊيا ۾ گردش ڪرڻ شروع ٿي وئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت طرفان ڪجهه ماڻهن کي چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جا اشارا ملي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ ئي اها راءِ هئي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي عمر 68 سال ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي عمر 65 سال هجڻ گهرجي. هن چيو ته چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ وارو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو وڃي. قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته وڪيلن مان ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي عمر وڌائي 65 سال ڪئي وڃي ته جيئن سڀني کي برابر جا موقعا ملن.