اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صنعت، پيداور ۽ غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو اسٽريٽيجڪ ذخيرو برقرار رکڻ جي ذميوار پاسڪو ڪڻڪ جي خريداري ڪري رهي آهي، هدف پورو ٿيڻ کانپوءِ باقي بچيل ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو هارين کان خريد ڪنداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا تنوير حسين چيو ته پاسڪو آبادگارن ۽ هارين کان ڪڻڪ جي خريداري ڪري رهي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جو ميڪنزم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چوي ته هڪ ايڪڙ واري کي 8 ٻوريون بارداڻو ڏنو پيو وڃي، ڪڻڪ خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي شفاف بڻائي پئي وڃي، بارداڻي جي فراهمي لاءِ آن لائين رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو خريد ڪنداسين، هارين کي مقرر ڪيل اگھن تي ڀاڻ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، خصوصي ٽيمون ڪڻڪ خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي جي نگراني ڪري رهيون آهن، ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي، هارين کي سندن حق ملڻ گھرجي.
You might also like