سعودي ۽ پاڪستان ڏک سک ۾ گڏ آهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، پاڪستان جو ڪو به وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرئين پرڏيهي دوري جي شروعات سعودي عرب سان ڪندو آهي، اهڙي ريت اها هڪ روايت بڻجي وئي آهي.
سعودي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڪيترائي ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن، جن جو مثال ناهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب امن ۽ خوشحالي ۾ ڀائيوار آهن.
هن چيو ته سعودي ولي عهد پاڪستان سان لاڳاپن ۾ مخلص آهي، محمد بن سلمان سعودي عرب جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، محمد بن سلمان جون پاليسيون مون سميت سڀني ليڊرن لاءِ مشعل راهه آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان ڏک سک ۾ گڏ آهيون، اسان ڪاميابي ۽ ترقي جا به ساٿي آهيون، انٽرويو دوران هن عربي ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.