پارڪ لين ۽ توشا خانا ريفرنس، صدر آصف زرداري کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ۽ توشا خانا گاڏين جي ريفرنس ۾ آصف زرداري خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي.
صدر آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ ملي وئي، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا صدر آصف علي زرداري جي نيب ڪيسز ۾ صدارتي ڇوٽ جي درخواستن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت صدر آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي روڪيندي پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته جيستائين آصف علي زرداري صدر آهي، سندس خلاف ڪيسز جي ڪارروائي اڳتي نٿي وڌي سگهي.
آصف علي زرداري طرفان آئين جي آرٽيڪل 248 (2) تحت درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف زرداري جيستائين صدر آهي، ڪيسز جي ڪرمنل ڪارروائي جاري نٿي رهي سگهي.
سندس درخواستن تي پراسيڪيوشن طرفان ڪو به اعتراض نه ڪيو ويو ۽ نه ئي مخالفت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.