ارسا سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پاڻي فراهمي وڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ارسا سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي حصي جي فراهمي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
ارسا ترجمان چيو آهي ته چشما وٽان ٻنهي صوبن لاءِ پاڻي فراهمي 68 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي.
ترجمان راڻا خالد موجب سنڌ لاءِ پاڻي جي فراهمي55 هزار مان وڌائي 60 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي، جڏهن ته بلوچستان لاءِ پاڻي فراھمي 5 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 8 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.