ويرات ڪوهلي پاڻ کي ملندڙ دوکي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سپر اسٽار بٽر ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو جي نمائندگي ڪندڙ ويرات ڪوهلي زندگي ۾ ملندڙ ڌوکي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
35 ورهين جي ڀارتي ڪرڪيٽ ڪوهلي فٽنس ۽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي زبردست ڪارڪردگي لاءِ سموري دنيا ۾ ڄاتو ويندو آهي پر ويرات جي زنده دليءَ وارو پاسو به سندس مداحن کي سدائين پسند ايندو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ تقريب دوران، صحافي ويرات ڪوهلي کان سندس متبادل ڪيريئر بابت سوال ڪيو جيڪڏهن هو ڪرڪيٽر نه هجي ها ته ڇا ڪري ها؟
صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي پهريان ته هن اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو پر پوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ڪامياب بزنس مين بڻجڻ جو اشارو ڏنو.
هن چيو ته حقيقت اِها ئي آهي مون ان حوالي سان ڪڏهن به ناهي سوچيو ڇو ته مون کي ڪاروبار ڪرڻ نه ايندو هو پر هاڻي ٿورو گهڻو اچي ٿو، جيڪڏهن ڪرڪيٽر نه هجان ها ۽ ڪاروبار ڪيان ها ته سئو سيڪڙو يقين سان چئي سگهان ٿو ته ماڻهو مون کي بيوقوف بڻائي ڇڏين ها.
ويرات اعتراف ڪندي چيو ته کيس بزنس جي ٿوري گهڻي سمجهه ڌوکا ۽ ڌِڪا کائڻ کانپوءِ اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.