پاڪستان هاڪي کان کٽڻ جو طريقو سکندڙ ارجنٽينا جو ليجنڊري فٽبال ڪوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ارجنٽائن جي ليجنڊري فٽبال ڪوچ سيسار لوئيس مينوٽي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 85 ورهين جي ڄمار لاڏاڻو ڪري ويو .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، لوئيس مينوٽي گذريل ڪجهه عرصي کان بيمار هو ۽ آچر تي بيونس آئرس ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبال ڪوچ مينوٽي 1978ع ۾ پنهنجي گرائونڊ تي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هو.
سندس ڪوچنگ ۾ اسپين جي ڪلب بارسلونا کي به ڪيئي ٽرافيون پنهنجي نالي ڪيون، هو يوٿ ورلڊ ڪپ جي فاتح ارجنٽائن انڊر 20 ٽيم جو به ڪوچ هو.
مينوٽي پاڪستان هاڪي ٽيم جو وڏو مداح هو ۽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي حڪمت عملي هن پاڪستان هاڪي ٽيم مان متاثر ٿي ڪري ٺاهي هئي.
1978ع ۾ جڏهن پاڪستان هاڪي ٽيم ارجنٽيا ۾ موجود هئي ته مينوٽي پاڪستان هاڪي ٽيم سان ملاقات لاءِ آيو هو، ان موقعي تي سندس پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ وحيد خان سان ملاقات ٿي جنهن کيس ڊبل اٽيڪ سميت ڪيئي مشورا ڏنا .
مينوٽي هڪ انٽرويوءَ دوران اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو ارجنٽينا ٽيم کي پاڪستان هاڪي ٽيم جيان کيڏندو ڏسڻ چاهي پيو ۽ اِنڪري انهن ورلڊ ڪپ کٽيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.