فلسطين جي حق ۾ ٿيندڙ مظاھرا تيزي سان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا آھن،ھاڻي وڏن ادارن جي ھر تقريب ۾ فلسطين تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿي رھيو آھي.جنھن سامراج خاص ڪري آمريڪا جي انتظاميھ کي تمام گھڻو منجھائي وڌو آھي.شاگردن خلاف ٿيندڙ ھر ڪارروائي ناڪام ٿي رھي آھي ۽ دنيا جي راءِ عامھ فلسطين ۾ جاري جنگ بابت نئين سر سان جڙي رھي آھي.آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن تقريب فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي.اختيارين پوليس ذريعي فلسطيني حامين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي وئي. اھلڪار سائيڪلن تي چڙھي تقريب ۾ پھتا ۽ شاگردن کي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن بعد خاموش نھ ٿيندڙ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو.ان دوران پوليس 25 شاگردن کي گرفتار ڪيو ۽ فلسطين نواز احتجاجي ڪيمپون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ 17 اپريل کان شروع ٿيل مظاھرن دوران هن وقت تائين 2400 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.آمريڪي يونيورسٽي جي شاگردن اونهاري جي موڪلن نھ ڪرڻ ۽ فلسطين جي حق ۾ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي.آمريڪا، ڪينيڊا، فرانس ۽ آسٽريليا سميت مختلف ملڪن ۾ شاگردن جو احتجاج جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آھي تھ جيئن جئين غزا ۾ ڪارروايون ۽ اتي فوتين جو انگ وڌي رھيو آھي،تئين تئين احجتاج وڌي رھيو آھي.اپريل مهيني دوران گهٽ ۾ گهٽ 30 آمريڪي يونيورسٽين ۾ احتجاج ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي ھنڌن تي جاري آھن. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس اينجلس (UCLA) ۾ خميس ڏينهن سوين پوليس فورس رڪاوٽون ٽوڙي احتجاجي شاگردن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو. غزا تي اسرائيل جي بمباري خلاف درجنين آمريڪي يونيورسٽين ۾ مظاهرا ٿيا آهن.
30 آمريڪي يونيورسٽين ۾ فلسطيني جي حق ۾ ۽ اسرائيل مخالف احتجاج منعقد ٿيا آهن. شاگردن اڪثر يونيورسٽين ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي ڇڏيا، جن کي پوليس جي مدد سان منتشر ڪيو ويو. اربع ڏينھن پوليس ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ احتجاجي ڪيمپ ڊاٿو۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو.خميس ڏينھن پوليس نيو يارڪ جي فورڊهم يونيورسٽي ۾ ۽ هڪ اسڪول جي عمارت اندر احتجاجي ڪيمپ کي ختم ڪيو.
پوليس ڊلاس جي يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ هڪ ڪئمپ پڻ ختم ڪري اتان گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهن کي ضابطي جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو.اربع جي رات پوليس ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ نيو يارڪ جي سٽي يونيورسٽي ۾ شاگردن جي احتجاجي ڪئمپن کي ٽوڙي ڇڏيو. ڪجهه شاگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اٽڪل 300 گرفتاريون ڪيون ويون آهن.
آمريڪي يونيورسٽين ۾ شروع ٿيندڙ انهن احتجاجن يونيورسٽي انتظاميه کي به ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي. يونيورسٽي انتظاميا ڪوشش ۾ آهن ته ڏوهن جي سرگرمين جي وچ ۾ توازن قائم ڪيو وڃي، سامي دشمني جي شڪايت ۽ نفرت واري تقرير کي روڪيو وڃي.
غزا جي مان حماس جي ويڙهاڪن 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملو ڪيو ھو، پر ان جي جواب ۾ اسرائيل سمورا ليڪا لتاڙي ان خطي ۾ ھڪ انساني الميي کي پئدا ڪري ڇڏيو آھي. اسرائيل وڏي فضائي حملن ۽ زميني آپريشن سان ڪيو.اسرائيل پنھنجي دفاعي حق جي بھاني شروع ڪيل ظلم سبب ان خلاف سڄي دنيا ۾ نفرت وڌي وئي آھي. اسرائيلي فوج جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ عام شهري مارجي ويا ۽ غزا جي تباهي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسرائيل کي عالمي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
غزا جي پٽي ۾ حماس جي ڪنٽرول واري وزارت صحت جي مطابق، غزا ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي 34 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آھن ۽ 77 ھزار کا کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آهي.
ٻئي طرف حماس امن ڳالهين لاءِ وفد مصر موڪلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جنگ جي شروعات کان وٺي مصر، قطر ۽ آمريڪا ڪوشش ڪري رهيا آهن ته حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي معاهدي تي صحيحون ڪيون وڃن پر ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي شرطن تي قائم رهيون آهن.
گڏيل قومن طرفان خميس ڏينهن جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن غزا ۾ تباهه ٿيل گهرن ۽ انفراسٽرڪچر کي ماضي جي جنگين جي رفتار سان ٻيهر تعمير ڪيو ويو ته ان عمل ۾ 80 ورھيھ لڳي ويندا.
انگن اکرن موجب اسرائيلي بمباري سبب غزا ۾ 80 هزار گهر تباهه ٿي ويا آهن. گڏيل قومن جي مطابق ٻي مھاڀاري جنگ بعد ھي سڀ کان وڏي تباھي آھي.