آسٽريلوي پارليامينٽ ميمبر جي نشو ڏئي جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي عورت پارليامينٽ ميمبر نشو ڏئي جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آسٽريليا جي رياست ڪوئنزلينڊ جي پارليامينٽ ميمبر برٽني لوگا پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي ته کيس نشي واري شئي ڏني وئي ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
سوشل ميڊيا تي بيان ۾ برٽني لوگا چيو ته افسوسناڪ واقعو منهنجي پنهنجي چونڊ تڪ ۾ پيش آيو، اسپتال ۾ ٿيندڙ ٽيسٽن سان جسم ۾ منشيات جي موجودگي جي تصديق ٿي، مان منشيات استعمال نه ڪئي هئي.
37 ورهين جي عورت پارليامينٽ ميمبر 28 اپريل تي پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ طبي معائني لاءِ اسپتال وئي.
رپورٽ موجب عورت پارليامينٽ ميمبرن سان مبينا طور ٻين عورتن به رابطو ڪيو، جن چيو ته انهن سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو ۽ کين ان شام نشو ڏنو ويو هو.
پارليامينٽ ميمبر جي شڪايت تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.