عرب ملڪ ۾ 16 سالن جي نوجوانن کي مسجد جو امام بڻائڻ جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ جتي تعليم جي حوالي سان اهم قدم کنيا پيا وڃن، اتي ديني تعليم جي حوالي سان به خبرون آهن.

دبئي جي اداري پاران امام بڻجڻ جي خواهش رکندڙ ٻارن جي حوالي سان دلچسپ قدم کنيو ويو آهي.

گذريل مهيني، دبئي جي شهزادي شيخ حمدان بن محمد بن راشد المڪتوم، هڪ نئين منصوبي جو اعلان ڪيو.

نوجوانن جي امام بڻجڻ جي منصوبي تحت 16 کان 21 سالن جي عمر جي ٻارن کي چئن مهينن جي ٽريننگ ڏني ويندي، جن کي مختلف مسجدن ۾ اهم ذميواريون ڏنيون وينديون.

70 مسجدن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جتي والدين پنهنجي ٻارن کي پهرين مئي کان عصر جي نماز کانپوءِ موڪلي سگهن ٿا، جتي سندن تربيت شروع ڪئي ويندي.

ان دوران ٻارن کي امامت جي سکيا ڏني ويندي، جڏهن ته حفظ قرآن پڻ ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.