سعودي عرب جو اعليٰ سطحي واپاري وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب مان 50 ڄڻن تي ٻڌل اعليٰ سطحي واپاري وفد پاڪستان پهچي ويو، جنهن ۾ 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اختيارين سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي شاندار آجيان ڪئي.
واپاري وفد ۾ اهم شخصيتون شامل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن جو جائزو وٺنديون، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
سعودي واپاري وفد ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن، جيڪي ٽيڪنالاجي، توانائي، هوابازي، تعميرات، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز جي شعبي ۾ سهڪار سان گڏ ونڊ، سولر توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.