الوارجن جي فلم ”پشپا2“ رليز ٿيڻ کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار الوارجن جي بلاڪ بستر فلم ”پشپا2“ جي سيڪوئل جو ماڻهن کي وڏو انتظار آهي ۽ فلم جي گاني ۾ پهريون گاني جي رليز ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
اداڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ”پشپا پشپا“ گاني جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ڏسندي ڏسندي وائرل ٿي وئي سندس پرستار هن کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا.
فلم ۾ الوارجن سان گڏ رشميڪا منداڻا ۽ فهد فاصل مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پشپا 2 رليز ٿيڻ کان اڳ ئي هڪ وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي ۽ اها بنگالي ٻولي ۾ رليز ٿيندڙ پهرين پين انڊين فلم بڻجي وئي آهي.
پين انڊين فلمون هاڻي تائين صرف پنج ٻولين هندي،تامل،تيلگو،ڪينيڊا ۽ مليالم ۾ رليز ٿينديون آهن پر پشپا 2 ڇهن ٻولين ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.