علم وارو ۽ جاهل ڪڏهن برابر نٿا ٿي سگهن:محمد علي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد علي جو چوڻ آهي ته پڙهيل لکيل ڪرڪيٽر اڻ پڙهيل کان بهتر آهي، علم وارو ۽ جاهل ڪڏهن به برابر نٿا سگهن.
نجي ٽي وي کي انٽريو ڏيندي محمد علي چيو ته ريڊ بال ذريعي وائيٽ بال فارميٽ جي تياري آسان ٿي ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ اصل ۾ فٽنس ۽ اسڪلز جي ٽيسٽ هوندي آهي، مون پي ايس ايل ۾ ڪجهه الڳ ناهي ڪيو، مون لاءِ صرف بال جو رنگ تبديل ٿيو آهي.
محمد علي جو چوڻ هو ته وسيم اڪرم،شعيب اختر ۽ وقار يونس جي بالنگ جا وڊيوز ڏسندو آهيان جڏهن ته شين بانڊ ۽ ڊيل اسٽين منهنجا فيورٽ رانديگر آهن.
فاسٽ بالر چيو ته منهنجو نوجوان رانديگرن کي پيغام آهي ته ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ تعليم تي به ڌيان جاري رکو، پڙهيل لکيل رانديگر جو اعتماد به وڌيڪ هوندو آهي ۽ شين کي جلدي سکي به وٺندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.