صادق خان پاڪستانين جو ڳاٽ اوچو ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صادق خان کي ٽيون ڀيرو لنڊن جو ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ محنتي برطانوي پاڪستان جي پٽ هر پاڪستاني جو ڳاٽ اوچو ڪيو.
هن چيو ته ٽيون ڀيرو ميئر چونڊجڻ صادق خان جي قابليت ۽ عوامي خدمت جو ثبوت آهي، مستقبل ۾ صادق خان جي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.