آءِ فون جي واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ٿيڻ وارو!

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل آءِ فون ۾ الرم جي مسئلي جي حل لاءِ جاري ڪم جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب تازو ئي ڪيترن ئي آءِ فون واهپيدارن الرم وقت تي وڃڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي.
ايپل ان مسئلي کان با خبر هجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪمپني انهي مسئلي کي جلد حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پر ان ڳالهه جي خبر ناهي ته مسئلي ۾ ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
سوشل ميڊيا جي واهپيدارن ٻڌايو آهي ته فون جي اٽينشن اويئر فيچر بند ڪرڻ سان انهي مسئلي جي حل لاءِ مدد ملي، اهو فيچر جڏهن آن ٿيندي ئي ڪيترن ئي سيٽنگز ۾ تبديلي واقع ٿي ويندي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.