گوگل ڊيپ فيڪ وڊيوز اشتهاري مهم روڪٿام لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

جنسي طور تي واضح مواد جي اشتهارن تي گوگل پابندي لاڳو ڪري چڪو آهي پر هاڻ گوگل طرفان ايڊوٽائزرز کي اهڙين وڊيوز جي مشهوري لاءِ به پابند ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي ماڻهن کي ڊيپ فيڪ غيراخلاقي مواد وڊيوز کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ موجب، گوگل جي نئين پاليسي تحت ايڊورٽائزرز کي گوگل اهڙن اشتهارن لاءِ پابندي ڪري رهيو آهي جنهن ذريعي واهپيدارن کي غيراخلاقي مواد جي تياري جهڙوڪ ( ڪنهن شخص جي تصوير کي تبديل ڪري نئين تصوير جي تياري ) ۾ مدد ملندي هجي.
فلحال گوگل طرفان ايڊورٽائزرز کي ” جنسي طور واضح مواد جي مشهوري سيمت ڪونٽينٽ، تصوير، آڊيو، يا گرافِڪ تي پابند ڪيو ويو آهي پر نئين پاليسي هاڻ ايڊورٽائزرز کي اهڙيون خدمتن جي اشتهارن تي به پابند ڪري ٿي جيڪي واهپيدارن کي اهڙي قسم جي مواد ٺاهڻ ۾ به مد ڪندا، پوءِ کڻي اِهو ڪنهن شخص جي تصوير تبديل ڪرڻ يا وري نئين تصوير کي تيار ڪرڻ جهڙي مواد تي ٻڌل هجي.
گوگل موجب، نئين پاليسي تحت ايڊورٽائزرز تي اِها پابندي ٽيهه مئي کان لاڳو هوندي.
گوگل ترجمان مائيڪل ايڪمين موجب، ڪمپني جو اِهو قدم اهڙين سروسز جي اشتهارن جي روڪٿام لاءِ آهي جيڪي ڊيپ فيڪ پورنوگرافي يا اگهاڙپ وارو مواد تخليق ڪرڻ جي آڇ ڪنديون آهن،
هن چيو ته نئين پاليسي ايڊورٽائزرز کي جنسي طور واضح يا اگهاڙپ لاءِ تبديل يا تخليق ڪيل مواد جي مشهوري نه ڪرڻ جو پابند ڪري ٿي، مثال طور اهڙي ويب سائيٽن يا ايپس جيڪي ماڻهن کي ڊيپ فيڪ غيراخلاقي مواد ٺاهڻ جو طريقو مهيا ڪنديون آهن.
ايڪيمين جو چوڻ آهي ته غور هيٺ پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به اشتهار کي گوگل تان هٽايو ويندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2023ع دوران گوگل طرفان جنسي مواد بابت پنهنجي پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڏهائي اٺ بلين اشتهارن کي هٽايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.