باڪسر عامر خان کي پاڪ فوج ۾ هڪ ڏينهن لاءِ ڪيپٽن بڻايو ويو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي پاڪ فوج هڪ ڏينهن لاءِ اعزاز ڪيپٽن جي رينڪ لڳائي ڇڏيا.
باڪسر عامر خان کي باڪسنگ جي ميدان ۾ ڪاميابين جي اعتراف تي ڪيپٽن جا اعزازي رينڪ لڳايا ويا.
عامر خان کي اعزاز ڪيپٽن جا رينڪ لڳائڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.
ان موقعي تي عامر خان چيو ته پاڪ فوج سدائين راندين کي هٿي ڏين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ هي اعزاز ملڻ کانپوءِ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته فوجي يونيفارم پهري رينڪ لڳائي ايتري ئي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان جيتري عالمي چيمپيئن بڻجڻ تي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.