پاڪستاني بس ڊرائيور جو پٽ ٽيون ڀيرو لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ليبر پارٽي جو برٽس پاڪستاني اميدوار صادق خان ٽيون ڀيرو لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو.
پاڪستاني بس ڊرائيور جي پٽ لنڊن جو ميئر بڻجڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي، چونڊ لاءِ ليبر پارٽي جي صادق خان ۽ ڪنزرويٽو پارٽي جي سوزن هال وچ ۾ سخت مقابلو هو.
واضح رهي ته صادق خان پهريون ڀيرو 2016 ۾ لنڊن جو ميئر چونڊيو هو، ان کان اڳ هن 2005 کان 2016 تائين پارليامينٽ ميمبر طور خدمتون انجام ڏنيون.
53 ورهين جو صادق خان لنڊن جي علائقي ٽوٽنگ ۾ ڄائو، هن يونيورسٽي آف لنڊن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، صادق خان سياست جي شروعات ونز ورٿ ڪائونسل جو ڪائونسلر بڻجي ڪئي.
1970 ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيندڙ صادق خان جا والدين پاڪستان مان هجرت ڪري برطانيا ويا هئا، سندس پيءُ بس ڊرائيور هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.