ايڪس جو بلاڪ فيچر ۾ وڏي ڦيرڦار جو اعلان

ايلون مسڪ کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس ( ٽوئيٽر ) جو بلاڪ بٽڻ پسند ناهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ڪمپني طرفان ان فيچر ۾ ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلحال فيچر مڪمل طور ختم نه پيو ڪيو وڃي پر پوءِ به هڪ ڊرامائي تبديلي ڪئي پئي وڃي.
هن وقت ايڪس واهپيدار جڏهن ڪنهن اڪائونٽ کي بلاڪ ڪندا آهن ته واهپيدار جي پوسٽن تي ريپلاءِ ڪري سگهندا آهن پر جنهن کي واهپيدار کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي ته تنهن کي پيغام نظر ناهن ايندا.
پر ڪمپني طرفان هاڻ فيچر کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن کانپوءِ بلاڪ ٿيندڙ واهپيدار به اِهي ريپلائيز ڏسي سگهندو.
ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اِها تبديلي بلاڪ فيچر کي پنهنجي اصولن موجب ڪم ڪرڻ واري عزم تحت ڪئي پئي وڃي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته انتظاميا ايپ ۾ اهڙيون تبديليون ڪري رهي آهي جنهن سان بلاڪ ڪرڻ وارو عمل تبديل ٿي ويندو، يعني بيان ۾ بلاڪ بٽڻ ۾ وڌيڪ ڦيرڦار جو اشارو پڻ ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته اِهو فيچر ايڪس ۾ تمام گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڪمپني موجب، اسان جو مقصد واهپيدارن کي وڌيڪ ڪنٽرول فراهم ڪرن سان گڏوگڏ پوسٽن جي عوام تائين رسائي کي بقرار رکڻ آهي.
ايلون مسڪ ڪيئي دفعا چئي چڪو آهي ته هو بلاڪ فيچر کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.