اُروَشِي روٽيلا نسيم شاهه کي نه وساري سگهي !

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪار اُروَشِي روٽيلا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي هيش ٽيگ ڏئي ڇڏيو
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران ميزبان اروشي کان ڀارتي ڪرڪيٽر رشڀ پنت ۽ پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه بابت سوال ڪيا.
ميزبان اداڪارا آڏو سوشل ميڊيا واهپيدار جو هڪ تبصرو پڙهيو جنهن ۾ لکيل هو ته رشڀ پنت اوهان تمام گهڻي عزت ڪندو آهي، جيڪڏهن اوهان ساڻس شادي ڪئي ته مون کي خوشي ٿيندي.
شو جي ميزبان تبصرو پڙهڻ کانپوءِ اورشي کان پڇيو ته اوهان ان ڪمينٽ تي ڪجهه چوندئو؟ جنهن تي اداڪارا سنجيدا انداز ۾ چيو ته مان ان معاملي تي ڪوبه تبصرو ڪرڻ نه چاهينديس.
ان کانپوءِ ميزبان هڪ سيگمينٽ دوران اروشي جي آڏو ڪجهه مشهور شخصيتن جا نالا کنيا ۽ اداڪارا کي چيو ته هو سڀني کي هڪ، هڪ هيش ٽيڪ ڏي.
اروشي روٽيلا آڏو جڏهن پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه جو نالو ورتو ويو ته اداڪارا چيو ته مان کيس ” بالر“ جو هيش ٽيگ ڏينديس.
اداڪارا جو جواب ٻڌي ميزبان چيو ته نسيم شاهه پنهنجي خوبصورتي جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گهڻو مشهور آهي، جنهن تي اروشي چيو ته جيستائين اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو ته اِها مشهوري ٺيڪ آهي.
ميزبان وڌيڪ چيو ته هاڻ نسيم شاهه ته ڪيئي نارين جي محبت بڻجي ويو آهي جنهن تي اداڪارا ساڻس اتفاق ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.