وفاقي اردو يونيورسٽي جو اجلاس، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڊرافٽ پيش

ڪراچي: ( پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي فنانشل پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي 29هين اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري جي صدارت هيٺ ٿيل 29هين اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 25-2024 جي ڪاٿي لاءِ بجيٽ جو مسودو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

وي سي ڪميٽي کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پاران فراهم ڪيل سهڪار بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي ڪميٽي جي سمورن ميمبرن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي خدمتن کي ساراهيو.

ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو يونيورسٽي انتظاميا سنڌ حڪومت کي ريٽائرمينٽ لاءِ گرانٽ مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، بيل آئوٽ پيڪيج جي درخواست به صدر ۽ تعليم واري وفاقي وزارت کي ڏني وئي آهي. اميد آهي ته اهي جلد يونيورسٽي کي مالي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا.

اجلاس ۾ سيڪريٽري جا فرائض خازن محمد دانش احسان سرانجام ڏنا.

اجلاس ۾ هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي نمائندي آن لائين شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊين سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر زاهد، پروفيسر ڊاڪٽر مسعود مشڪور ۽ امتحانن جي سپروائيزر غياث الدين احمد ۽ نائب خازن زوهيب فريد شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.