اڃا اسان جو پگهر ناهي سُڪو سڀاڻي سعودي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي: مصدق ملڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته اڃا اسان جو پگهر ناهي سُڪو ۽ سڀاڻي 25 ڪمپنين تي ٻڌل سعودي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، جڏهن ته 3 ڏينهن کانپوءِ اسان جو وفد رياض ويندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سعودي عرب سان سدائين دوستي جو رشتو رهيو آهي پر ان رشتي کي اقتصادي ۽ ترقي جي رشتي ۾ تبديل ناهيون ڪري سگهيا، سعودي عرب اسان جي مدد لاءِ تيار بيٺو آهي پر هاڻ اسان کي مدد نه ترقي گهرجي.
هن چيو ته اسان جون برآمدون گهٽ ۽ درآمدون وڌيڪ آهن، ان عدم توازن کي ختم ڪرڻو آهي، اسان عوام کي ريڊ ٽيپ کان ريڊ ڪارپيٽ ڏانهن وٺي وينداسين، معاشي تبديليون آڻي رهيا آهيون، اسان کي جي ڊي پي وڌائڻي آهي، جنهن سان روزگار ملندو.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهي، پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد رياض ۾ 15 اهم ملاقاتون ڪيون، سڀاڻي ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ پيٽروليم ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.