اقرا کي ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو پيار ۽ محبت ڇو ملي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا اقرا عزيز انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي ماءُ سندس پيدائش تي خوش نه هئي.
سوشل ميڊيا تي اقرا عزيز جي هڪ انٽرويوءَ جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي پيدائش تي ماءُ جي جذبن بابت ويچار ونڊيا آهن.
وڊيو ۾ اداڪارا ٻڌايو ته هن جي هڪ ٻي ڀيڻ به آهي جيڪا کائنس عمر ۾ وڏي آهي، انڪري ماءُ جي خواهش هئي ته پٽ جو اولاد ٿئي پر جڏهن نرس ٻڌايوته پٽ نه پر ڌيءَ ڄائي آهي ته هن جي چهري تي خوشيءَ جا آثار نه هئا.
هن انڪشاف ڪيو ته اِهي ڳالهيون سندس ماءُ پاڻ هن کي اداڪاري واري انداز ۾ ٻڌايو آهن.
اقرا ٻڌايو ته امان چوندي آهي ته مان پنهنجي ڀيڻ جي ڀيٽ ۾ ٿُهلي ۽ ڊگهي به هيس جنهن ڪري توکي سولائي سان هنج تي کڻي گهمائيندي وتندي هيس، اِهو ئي سبب آهي جو مون کي گهڻو پيار ۽ محبت ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.