ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ هالي ووڊ اداڪار تي جنسي هراساني جا الزام

لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ )هالي ووڊ اداڪار ڪيون اسپيسي کي جنسي هراساني جا الزام لڳي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي اداڪار رواري ڪينن مٿس الزام هڻندي چيو آهي ته ڪيون اسپيسي جون 2013ع ۾ کيس ” غلط طريقي“ سان ڇُهيو هو.
رپورٽ موجب، ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ53 ورهين ڪيون اسپيسي اداڪار رواري ڪينن طرفان مڙهيل الزام رد ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ڪيون اسپيسي تي پهريان به آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڪيئي نوجوان اداڪار، شاگرد ۽ ٿيٽر ملازم اهڙي قسم جي الزام لڳائي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.