”محنت ڪيون ته ڀارت جي پيءَ کي به پوئتي ڇڏي ڏينداسين“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي قرض وٺڻ تي مجبور آهيون، تنهن ڪري آءِ ايم ايف وٽ ويندا آهوين، محنت ڪنداسين ته ڀارت ڇا ان جي پيءَ کي به پوئتي ڇڏي ڏينداسين.
ايف بي آر جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فيصلائتي گهڙي اچي وئي آهي، سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان کي دنيا ۾ وڃايل مقام ٻيهر ڏيارينداسين.
هن چيو ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي هاڻ موقعو نه ملندو، انصاف جو فيصلو رڳو ميرٽ جي بنياد تي ٿيندو، ٽيڪس ڪليڪشن هن وقت تمام وڏو چئلينج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.