”مختيارڪار ته علائقي جو مالڪ هوندو آهي، ان کي ڪوارٽر جي ڪهڙي ضرورت“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختيارڪار کي سرڪاري ڪوارٽر نه ڏيڻ خلاف درخواست تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي مختيارڪار ته علائقي جو مالڪ هوندو آهي.
جسٽس ظفر احمد راجپوت دلچسپ ريمارڪس ڏنا ته مختيارڪار جنهن جو چاهي کاتو ختم ڪري سگهي ٿو، مختيارڪار صوبي جو طاقتور آفيسر هوندو آهي، ان کي سرڪاري ڪوارٽر جي ڪهڙي ضرورت؟ مختيارڪار ايترو طاقتور هوندو آهي جو هوٽل ۾ به رهي سگهي ٿو.
درخواستگذار وڪيل چيو درخواستگذار مختيارڪار اڃا جونيئر آهي، ان جو ايترو تجربو ناهي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪ پئجي ويا.
عدالت مختيارڪار جي درخواست تي بورڊ آف روينيو ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته مختيارڪار محمد وسيم سرڪاري ڪوارٽر نه ملڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.