پاڪستان سپر ليگ 10 ڪڏهن شروع ٿيندي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ونڊو تجويز ڪري وئي آهي.
ذريعن موجب، تجويز ڪيل ونڊو موجب، ايندڙ سال پي ايس ايل اٺ اپريل کان ويهه مئي تائين جي ونڊو تجويز ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان فرنچائزز کي ان حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، ونڊو رانديگرن جي سهولت، ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ ۽ مصروفيتن کي نظر ۾ رکي تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سمورين فرنچائزز کي هڪ مارڪي پليئر سان معاهدي جي سهولت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، سمورن فرنچائزز ايندڙ هڪ کان ٻن مهينن اندر مارڪي پليئر سان معاهدو ڪري سگهنديون، مارڪي پليئر سان معاهدي لاءِ پي سي بي مالي سهڪار پڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.