پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي شادي نه ٿيڻ جو اهم سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 22 ملين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شادي شدا ناهن، جنهن جا مختلف ڪارڻ بيان ڪيا ويا آهن.
هر خاندان سٺي رشتي جي ڳولا ۾ هوندو آهي ۽ تقريبن پاڪستان ۾ هر گهر جو اهو ئي وڏو مسئلو آهي، مناسب رشتا نه هجڻ سبب والدين پنهنجا ٻارن جي شادين جي حوالي سان پريشان رهندا آهن.
ان معاملي تي نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ميچ ميڪر شازيا رحمان تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ ان جي تدارڪ جي حوالي سان به ٻڌايو.
هن چيو جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته جيڪي انگ اکر گڏيل قومن بيان ڪيا آهن، حقيقت ۾ انگ ان کان به وڌيڪ آهي، ان جو وڏو سبب اهو آهي ته موجوده دور ۾ ڇوڪرين جا پنهنجا مطالبا وڌي ويا آهن، ڇو ته اڪثر ڇوڪريون هاڻ نوڪري ڪنديون آهن يا گهر ۾ ئي ڪنهن ڪاروبار سان سلهاڙيل آهن.
سندس موجب جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ رشتي جو چيو وڃي ته سوال ڪيو ويندو آهي ڇوڪرو ڇا ڪندو آهي، ان جي ڊگري ۽ پگهار ڪيتري آهي؟ ڇوڪريءَ جيتري يا ان کان گهٽ هجي ته ڳالهه اتي ئي ختم ٿي ويندي آهي.
شازيا رحمان چيو اها مطالبا توڙي جو جائز آهن پر شاديون نه ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ به اهو ئي آهي، ائين ناهي ته پاڪستان ۾ شاديون نه پيون ٿين پر مسئلو اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي مطالبن ۽ خواهشن کي بنياد بڻائي پاڻ شاديون نه پيا ڪن.
هن چيو ته ڪجهه اهڙا ئي مطالبا ڇوڪرن جا به آهن ته ڇوڪريءَ جي عمر گهٽ هجي ۽ اها به روزگار سان سلهاڙيل هجي ته جيئن هن مهانگائي جي دور ۾ هٿ ونڊائي سگهي، گڏوگڏ ڇوڪرن جا گهر وارا انهن سڀني خاصيتن سان گڏ اهو به چاهيندا آهن ته ڇوڪريءَ کي گول ماني پچائڻ ايندي هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.