پاڪستان ۾ ”ايڪس“ جي مڪمل بندش جي خبرن تي پي ٽي اي جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ جي مڪمل بندش لاءِ سفارش جي خبرن تي پي ٽي اي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ جي مڪمل بندش لاءِ سفارش جي خبرن جي معاملي تي اهم بيان اچي ويو.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ان حوالي سان خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خدمتن جي بندش تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه شروع ناهي ڪئي.
ترجمان چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي بندش لاءِ پي ٽي اي طرفان سفارش جي خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي.
واضح رهي ته اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس کي پاڪستان ۾ مڪمل طور بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.