ملتان سلطانز ۾ عورت ڪوچز تحت کيڏڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟ شاهنواز ڏاهاڻي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جو ڳاڻيٽو اهڙن رانديگرن ۾ ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي راند سان گڏوگڏ مزاح جي حوالي سان به ڄاتا ويندا آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ٻڌايو ته گذريل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ دوران هر ٽورنامينٽ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هيٽ ٽِرڪ پڻ ڪئي.
هن چيو ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾سخت محنت ڪئي ۽ مسلسل تسلسل سان ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهيان ته جيئن ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهان..
سندس چوڻ هو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي سدائين ترجيح ڏيندو آهي ڇو ته پاڪستان ۾ واپسي جو رستو علائقائي ڪرڪيٽ آهي، جڏهن ته مڪمل سيزن کيڏڻ لاءِ فٽنس جو خيال رکڻ گهڻو ضروري آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي 2021ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران ڀارت خلاف ميچ کان اڳ مهيندر سنگهه ڌوني سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته ايم ايس ڌوني جا لکين چاهيندڙ آهن، جنهن مان به شامل آهيان.
هن چيو ته مهيندر سنگهه ڌوني کي ڏسڻ لاءِ دنيا سڪندي آهي، ملاقات دوران جڏهن مون کيس چيو ته اوهان جو نالو ڌوني آهي ۽ مان ڏاهاڻي آهيان جنهن تي ڌوني ڏاڍو کِليو، هڪ خواب هو جيڪو ساڻس ملي پورو ٿيو.
فاسٽ بالر چيو ته ريڊ بال ڪرڪيٽ پسند آهي، محنت ڪيان پيو ته جيئن ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ نالي اچي وڃي.
هن اعتراف ڪندي چيو ته پئسي جي ڪري اڄڪلهه رانديگر گهڻو ڌيان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڏئي رهيا آهن، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت، آسٽريليا جهڙيون وڏيون ٽيمون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي تياري ڪنديون آهن، فاسٽ بالر لاءِ رفتار سان گڏوگڏ اسڪلز جو هجڻ به ضروري آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته خواهش آهي ته سنڌ ۾ مون جيان وڌيڪ شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان لاءِ کيڏن، سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جون سهولتون نه آهن پر مون هر پليٽ فارم تي آواز اُٿاريو آهي.
هن چيو ته پي سي بي چيئرمين کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي گرين سگنل ملي ويو آهي.
پاڪستان سپر ليگ بابت ڳالهائيندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته ملتان سلطانز ۾ عورت ڪوچز تحت کيڏڻ جو تجربو منفرد هو، عام طور تي عورت ڪوچز سان ويچار ونڊڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي پر ملتان سلطان ۾ سڀ ٺيڪ هو.
هن چيو ته پرڏيهي ڪوچز کي ڏسي خيال آهي ته پاڪستان ۾ به عورتون ڪوچنگ جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.