شادي شدا جوڙن لاءِ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شادي شدا جوڙن جو وڏو مسئلو حل ٿي ويو ۽ ميرج سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون ختم ٿي ويون.
ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شادي شدا جوڙا سرٽيفڪيٽ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ وٺي سگهندا، يوسين، لوڪل گورنمينٽ آفيسن ۽ خدمت مرڪزن ۾ ميرج سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.
عرفان ميمڻ هدايت ڪئي ته آفيسن ۾ شهرين جي آگاهي لاءِ مشهوري مهم به ڪئي وڃي ۽ شهرين کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ سرٽيفڪيٽ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.