سي ايس ايس امتحان جي نتيجن جو اعلان، ڪيترا اميدوار پاس ٿيا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) امتحان 2023 جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو ۽ ڪامياب اميدوارن جي شرح 2.96 سيڪڙو آهي.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) موجب حتمي طور تي 210 اميدوار ڪامياب ٿيا، ڪامياب اميدوارن ۾ 126 مرد ۽ 84 عورتون شامل آهن.
ايف پي ايس سي ٻڌايو ته 13008 اميدوارن لکت امتحان ۾ حصو ورتو هو، 401 اميدوار لکت امتحان پاس ڪري سگهيا.
عادل رياض پهرين، شهير بانو ٻي، عڪاشه ابرار ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪامياب اميدوار 17هين گريڊ کان ملازمت جي شروعات ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.