سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جو ڀاڙو ڪيترو مقرر ڪيو ويو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جو ڀاڙو 50 رپيا برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بريفنگ ڏني وئي ته پيپلز بس سروس لاءِ نگران دور ۾ 50 رپيا ڀاڙو مقرر رکيو ويو هو، ڀاڙو 6 مهينن جنوري کان جون 2024 تائين مقرر ڪيو ويو هو.
50 رپيا ڀاڙو مقرر ڪرڻ لاءِ 579.758 ملين رپيا 6 مهينن جي سبسڊي طور منظور ڪيا ويا، جنهن مان 289.878 ملين رپيا جاري ٿي چڪا آهن.
ڪابينا 50 رپيا ڀاڙو برقرار رکڻ لاءِ باقي 289.878 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.